درگاهه سيد اُڀن شاهه

درگاهه سيد اُڀن شاهه

درگاهه سيد اُڀن شاهه

درگاهه سيد اُڀن شاهه: هيءَ درگاهه ڪوٽ ڏيجي تعلقي جي شهر ڪوٽ بنگلي ۾ سيد اڀن جي درگاهه موجود آهي. هن بزرگ لاءِ مقامي طور ڪيتريون روايتون موجود آهن. هيءَ درگاهه هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي. مقبرو نئون ٺهيل آهي. صحن تي پهچڻ لاءِ ٻن پاسن کان ڏاڪڻيون ڏنل آهن، جن تان چڙهي اڱڻ تي پهچبو آهي. ڏاڪڻين جي ملڻ واري جاءِ تي چبوترو ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان ننڍڙو گنبذ ٺهيل آهي ۽ ڪنڊن تي مناريون ٺهيل آهن. صحن کان پوءِ ورانڊو ڏنل ۽ ورانڊي کان پوءِ مستطيل رٿ جو مقبرو ٺهيل آهي، جنهن جي مهاڙي تاجن سان سينگاريل آهن. نڊن تي منارا ٺهيل آهن. منارن جي مٿان چوٽيءَ تي نيل ڏنل آهن. اٺڪنڊي ڳچ جي مٿان گول گنبذ ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان ڪوڻيءَ جو گل ۽ ان جي مٿان نيل ڏنل آهي. ٻيڙ ٻني تي به سينگار ٿيل آهي. اندر وچ تي ڪاٺ جي ٺهيل ڪٽهڙي تي وڏي قبر اُڀن شاهه جي آهي. پاسي ۾ ٻه قبرون سندس ڀائٽين جون چيون وڃن ٿيون. درگاهه جو متولي ذات جو ڪانڌڙو آهي. درگاهه جي چوڌاري هن وقت نئون قبرستان جڙي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو